سٻڙ خان خدمتگار

سٻڙ خان خدمتگار: جڏهن ميان سرفراز خان ڪلهوڙي درٻار ۾ بيگناهه مير بهرام خان ٽالپر کي شهيد ڪرايو ته هڪدم مير بهرام جي پٽ مير صوبدار خان جيڪو درٻار جي ٻاهر بيٺو هو الله بخش ليکي کي هڪ ئي تلوار جي وار سان قتل ڪري وڌو ۽ پاڻ درٻار ۾ اندر اچي پنهنجي پيءُ جو لاش ڏسي هڪدم ميان سرفراز خان تي حملو ڪيائين پر ميان سرفراز وڃي حرمسرا ۾ لڪو ۽ مير صوبدار خان سان سٻڙ خان مقابلو ڪرڻ لڳو. سٻڙ خان ڪلهوڙن جو خاص ڪاردار هو ۽ هو نهايت مغرور ۽ بهادر هو، جيڪو هميشه ٻه تلوارون چيلهه سان ٻڌي هلندو هو ۽ ميان سرفراز خان جي درٻار ۾ برک ليکبو هو. سٻڙ خان مغروريءَ مان هميشه اها لاف هڻندو هو ته آءُ هڪ ئي ضرب سان پنهنجي دشمن کي قتل ڪندو آهيان. درٻار ۾ ويڙهه دوران مير صوبدار خان ٽالپر سٻڙ خان کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي وڏي جوش مان چيو ته ’سٻڙ هشيار ٿي‘، سٻڙ خان به مير ڏانهن وڌندي چيو ته: ”ڇوڙ ڏي اپڻي تيغ و سپر.“ اهو ٻڌي مير جواب ۾ چيو ته: ”آءُ ته ڇوڙ ڏيوان“ ايتري ۾ مير صوبدار خان ٽالپر ويجهو ٿي سٻڙ خان کي اهڙي ته زور سان تلوار هنئي جو سٻڙ خان جو پيٽ ڦاٽي پيو ۽ سٻڙ خان هڪدم زمين تي ڪري پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳو ته: ”اي سٻڙ! هڪ ئي وار نال بس.“ سٻڙ خان جي قتل ٿيڻ کانپوءِ ڪلهوڙن جا ڪيترائي فوجي سالار درٻار ۾ گهڙي پيا ۽ سڀني گڏجي مير صوبدار خان تي حملو ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو